خيرپور ۾مدي خارج دوائن جو وڪرو رڪجي نه سگهيو، هزارين حياتين کي خطرو!

خيرپور (  س ر ) خيرپور جي ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج دوائن جو وڪرو رڪجي نه سگهيو، مدي خارج دوئن جي وڪري سان مريضن جي حياتين سان ڊرگس مافيا راند کيڏڻ بند نه ڪئي، ڊرگس ميڊيڪل آفيسر مدي خارج دوائن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، خيرپور جي سماجي اڳواڻن روشن علي شيخ، اسدالله، نادر علي ڀنڀرو ۽  ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور جي مختلف ميڊيڪل اسٽورن جي مدي خارج دوائن جو وڪرو سري عام هلي رهيو آهي، ڊرگس مافيا مريضن جي حياتين سان راند کيڏي رهيا آهن ، پر افسوس آهي جو ڊرگس ميڊيڪل آفيسر خيرپور ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج دوائن جي وڪرو ۾ ملوث آهي، جنهن ڪري مريضن جي زندگين کي خطرو درپيش آهي، هنن اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته خيرپور ۾ ڪيترائي ميڊيڪل اسٽور بغير لائسنس جي هلي رهيا آهن، جن ميڊيڪل اسٽورن تي نان پروفيشنل ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، پر افسوس آهي جو صحت کاتو خيرپور، ضلعي انتظاميان خيرپور خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هنن سنڌ جي صحت کاتي سمت اعليٰ اختيارن کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.