ڪوٽڏيجي ۾ هوا ڀريندي ٽائر ڦاٽڻ سبب پورهيت فوت

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي علائقي ڪوٽبنگلو سوراھ چوڪ تي پنچرن جي دڪان تي ٽائر ۾ هوا ڀريندي اوچتو ٽائر ڦاٽڻ سبب رم  جو ڪڙو دماغ ۾ لڳڻ سبب 23 ورھين جو پورھيت نوجوان نصير علي هيسباڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جو مڙهه ڪوٽڊيجي تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي نوجوان ڪوٽڏيجي جي علائقي مصري شاھ جو رھواسي ٻُڌايو پيو وڃي، فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.