جوهي: ڊي جي هيلٿ پاران جوهي اسپتال جو دورو، عملي ۾ ٿرٿلو

جوهي ( ن ع آ ) ڊي جي هيلٿ حيدراباد ڊاڪثر محمد جمن باهوٽو جو اوچتو تعلقه اسپتال جوهي جو دورو ڊاڪٽر ۽ ٻئي عملي ۾ ٿرٿلو  مچي ويو، ڊي جي هيلٿ تعلقه اسپتال جي مختلف اسپتال جي ايم سي ايڇ، ٽي بي، ڊائيس پروگرام، ميٽرنٽي هوم، او پي ڊي، ايڪسري مشين سميت سمورن شعبن جو دورو ڪيو  ان موقع يتي ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر جمن باهوٽو ڊاڪٽرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته ڪاڇي جي ڏورانهن علائقن ۽ خاص طور ٻوڏ متاثرين کان ايندڙ مريضن کي وڌ کان وڌ طبي سهولتون فراهم ڪيو وڃن، بعد ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ميٽرنٽي هوم لاءِ مريضن ۽ انهن سان گڏ ايندڙ وارثن انتظار گاھ خصو صي طور تي ٻن ڪمرن جي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.  آھي ايندڙ ھفتي سروي بعد تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته ايم سي ايڇ سينٽر لاءِ مڪمل نئون فرنيچر ڏنو آھي ۽ اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوششون آھن ته تعلقه اسپتال جوهي ۾ مريضن لاءِ ضرورت آھر دوائون ۽ ڇتن ڪتن نانگ بلائن جي وئڪسين ايمر جنسي ۾ موجود رهي ۽ مريضن لاءِ هر ممڪنه سهولت فراهم ڪيون وينديون ان موقع اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سڪندر علي جمالي، چيف ميڊيڪل آفيسر دادو ڊاڪٽر محبوب علي رند ,ايم ايس جوهي ڊاڪٽر زبير احمد پنهور ۽ ٻيا ساڻس ٻيو گڏ موجود هيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.