سڪرنڊ ڀرسان زميندار کان 15 لک رپيا ڦر، ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ تعلقي ۾ ڦر جي وارداتن تي ضابطو نه اچي سگهيو، سڪرنڊ ڀرسان پنهل خان چانڊيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ دليل ديرو نوابشاهه سڪرنڊ روڊ تي نامعلوم ڦورن پاران زميندار عرس مگسي کان هٿيارن جي زور تي 15 لک روپيه روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي بعد مگسي برادري پاران سڪرنڊ نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي متاثر عرس مگسي ٻڌايو ته مان نوابشاهه جي نجي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ڳوٺ اچي رهيو هئس ته ڳوٺ دليل ديرو ڀرسان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ڦورن موٽر سائيڪل اڳيان ڏئي منهنجا گاڏي جا شيشا ڀڃي مون کان روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. ٻئي طرف ڊي ايس پي سڪرنڊ اظهر حسين سمون ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.