ميهڙ: ڊگري ڪاليج جي استادن جي گروپن ۽ پرنسپال ۾ ڇڪتاڻ

ميهڙ (ن ع آ) ڊگري ڪاليج ميھڙ ۾ استادن جي ٻن گروپن ۽ پرنسپال ۾ ڇڪتاڻ تيز  ٿي وئي آھي، استادن جي ھڪ گروپ پاران پرنسپال تي ڪرپشن، ڪلاس نه ھلائڻ جا الزام ھنيا ويا، استادن الزام ھنيو آھي ته ڪاليج جو پرنسپال ڪاليج جا فند ھڙپ ڪري ويو آھي، ڪاليج ۾ ڪلاس نه پيا ھلن، پڙھائي، ڪمپيوٽر ليب ، ليبارٽريز سميت اڪثر شعبا غير فعال بڻيل آھن جڏھن  ته پرنسپال عبدالعزيز چنا چيو آھي ته  ڪجھ استاد ڪاليج ۾ پڙھائڻ کان لنوئين پيا اھي خانگي سينٽر ھلائي رهيا آهن، ڪاليج ۾ پڙھائڻ لاءِ چيو آهي ته  اھي ڪوڙي پروپيگنڊھ ڪري رھيا آھن اسان ڪلاس ھلايون پيا، ٻوڏ سبب ڪاليج ۾ رليف ڪئمپ ھجڻ سبب ڪاليج جي ڇٻر ، وڻن ۽ ٻين شين جو نقصان ٿيو ڪاليج مان چوري به ٿي آھي . ان بابت پي ايس ميھڙ ۽ ايس ايس پي دادو کي لکيو آھي استادن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس انڪوائري ٿئي مون کي مقرر ٿئي 6 مھينا ٿيا آھن، مون تي فنڊ ھڙپ ڪرڻ جا ڪوڙا الزام آهن، ڪمپيوٽر ليب لاءِ مقرر آءِ ٽي ٽيچر ھن وقت تائين ھڪ ڪلاس به ناھي ورتو ھوڏانھن ڪاليج ۾ پڙھندڙ شاگردن پڻ پرنسپال جي حمايت ڪئي آھي، استادن ءِ پرنسپال ۾ جاري ڇڪتاڻ تان ڪاليج ۾ پڙھائي وارو عمل متاثر آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.