لاڙڪاڻي ۾ وردي پهريل هٿيار بند گهر ۾ ڪاهي پيا، عورتون، ٻار يرغمال، 8 لک ڦر

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ۾ بدامني کي ٻنجو نه اچي سگهيو، ڏوهاري پوليس وردي پھري سرڪاري هٿيار کڻي ڌاڙا هڻڻ لڳا آهن.  ان سلسلي ۾ گذريل سومر ۽ اڱاري جي رات دير سان لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھو ٻوراهو ۾ پوليس وردي پهريل اڻڄاتل چورن سرڪاري هٿيار ساڻ ڪري اٽي جي چڪي جي مالڪ ظفر بروهي جي گهر جي ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي يرغمال بڻائي گهر ۾ پيل 8 لک روپيا روڪ رقم، 4 تولا سونا زيور ۽ هڪ موبائيل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ فارنزڪ ٽيم پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪري فنگر پرنٽس، تفصيل ۽ شاهديون گڏ ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ظفر بروهي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان 10 کان وڌيڪ پوليس وردي پهريل چورن سرڪاري رائفلون ساڻ ڪري گهر جي ڀت ٽپي اسان مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 8 لک روپيا روڪ رقم، 4 تولا سونا زيور ۽ هڪ موبائيل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس هن وقت تائين چورن جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پوليس وردي پهريل چورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم، سونا زيور ۽ موبائيل فون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.