سستي اٽي جا اسٽال لڳايو، ماٿيلي ۾ مردن جو عورتن سميت احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو ۾ سستي اٽي جو اسٽال نه لڳائڻ خلاف غريب مردن ۽ عورتن پاران ٻئي ڏينهن به النثار پيٽرول پمپ اڳيان نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي ان موقعي تي اربيلو شر، بخش سميجو، اشرف عالماڻي، وقار بوزدار، عطا لاشاري ۽ ٻين چيو ته ميرپور ماٿيلو ۾ سستي اٽي جا اسٽال ناهن لڳايا ويا آهن جنهن ڪري غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو پيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته هتان جا غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني به نه ٿا کائي سگهن، ۽ بک وگهي ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي گهوٽڪي انتظاميا عدالتي حڪمن ۽ سنڌ حڪومت جي حڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اٽو 150 روپيا مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، جنھن سان غريب ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن هنن مطالبو ڪيو ته سستي اٽي جو اسٽال لڳائي عوام مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.