کپرو ۾ ايجنٽ مافيا سرگرم، وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي جاري

کپرو(رپورٽ اسلم بوزدار) کپرو 2020ع جي ٻوڏ جي آيل وظيفي مان يوبي ايل ڊوائيس هولڊر پاران ڪٽوتي بند ناهي ٿي سگهي ڊوائيس ايجنٽ غريب مسڪين ماڻھن جي آيل وظيفي 30000 مان 2000 کان 4000 روپيه ڪٽوتي ڪري لکين روپيه ڪمائڻ لڳا اومني ڊوائيس ايجنٽ غريب ماڻھن کي ٻنئي هٿن سان ڦري رهيا آھن ڪير به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي هڪ پاسي بينظير انڪم سپورٽ جي آيل 7000 تي به 1000 کان ڪٽوتي ڪري رهيا آھن ڪير به پڇڻ لاء تيار ناهي مستحق حقدارن جي قسط مان ڪٽوتي بند ناهي ٿي سگهي لکين جي ڪمائي مان به بينڪ جا عملدار به ٻٽ بڻيل ٻھراڙي جي اٻوجھ ماڻھن کان ڦر ڦران وارو سسٽم بند نه ٿي سگهيو جڏھن ته اومني ڊوائيس هولڊرن کي 1000 تي 80 روپيه ڪميشن ملي ٿي ان هوندي به ڪٽوتي بند نٿا ڪن هنن ڊي سي سانگهڙ ايم اين اي سانگهڙ شازيه مري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيوآھي ته ڊوائيس هولڊرن خلاف ڪاروائي ڪري هنن آءِ ڊيون بند ڪيون وڃن بي آء ايس پي جي قسط ۽ ٻوڏ متاثرن جا پيسه بينڪ ذريعي ڏنا وڃن ته جئين غريب ماڻھن ۽ عورتن کي قسط پوري ڏيئي ايجنٽ مافيا مان جان ڇڏائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.