لاڙڪاڻي ۾ واپاري کان هٿيارن جي زور تي لکن جي ڦر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد سبزي منڊي ڀرسان خانگي مسلم ڪمرشل بئنڪ ٻاهريان مبينا طور اڻڄاتل  موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن سبزي منڊي جي واپاري شهزور کهڙو کان هٿيارن جي زور تي 3 لک 64 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي واري تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي واپاري شهزور کهڙو ٻڌايو ته آءُ ٿيلهي ۾ سبزي منڊي مان 3 لک 64 هزار روپيا کڻي خانگي مسلم ڪمرشل بئنڪ جمع ڪرائڻ لاءِ اچي رهيو هيس ته بئنڪ ٻاهران موٽرسائيڪل سوار ڦورن مون کان پئسن جي ٿيلهي ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته هٿياربند ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان حيدري ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي تمام جلد ڦورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم واپس ڪرائي ويندي. هوڏانهن سبزي منڊي ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جي اڳواڻن ڦر ٿيل رقم واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ پڻ ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.