گهوٽڪي عدالت مان جساف اڳواڻن جي ضمانت منظور

گھوٽڪي ( ڊ ر ) گھوٽڪي جي عدالت پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي وڃڻ جي ڏوھ ۾ گھوٽڪي پوليس طرفان جساف اڳواڻ رشيد سنڌي ۽ راشد ڪلوڙ تي ڦُر ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جي ڪيس جي ٻڌڻي سيشن ڪورٽ گھوٽڪي ۾ ٿي،سيشن جج محمد فھيم خان ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي پڪي ضمانت منظور ڪندي ٻيھر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو،ان موقعي تي جساف اڳواڻن رشيد سنڌي ۽ ٻين ڳالھائندي چيو تہ پر امن سياسي جدوجھد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ گھوٽڪي پوليس ونگارو بڻجي سياسي ڀوتارن جي چرچ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن ۽ گھر ڀاتين کي ٿاڻي تي ويھاري غيرقانوني ورتاءُ ڪيو ويو،سرد راتين ۾ بنا اجھي جي ٽارچر سيلن ۾ بند ڪيو ويو،اسين پر امن ھن ملڪ جا رھواسي ۽ سياسي ڪارڪن آھيون اسانکي گھوٽڪي پوليس طرفان بنا جواز تنگ ڪيو پيو وڃي،اسين ڪڏھن به انھن ڪيسن کان گھٻرائجي پنھنجي جدوجھد تان دستبردار ۽ جھڪڻ وارن مان نه آھيون،گھوٽڪي پوليس آمرن وارو ڪردار ادا پئي ڪريعدالت مان انصاف جي اميد آھي. انھن چيو ته سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ھر وک تي جدوجھد جاري رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.