حيدرآباد ۾ اڳوڻو وڏو منشي ۽ برطرف ڪيل اهلڪار 3 ڏينهن کان گم

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جو اڳوڻو وڏو منشي ۽ پوليس مان برطرف  ڪيل اهلڪار 3 ڏينهن کان گم، وارث پريشان. وارثن پوليس مٿان گرفتار ڪري گم ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو. قاسم آباد جي رهواسي موندر خان ڀٽي جي ڀاءُ راجا ڀٽي ڪالهھ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀاءِ کي جمعي جي ڏينهن ايس پي آفيس حيدرآباد مان فون ڪال آئي ته توکي نوڪري تي ٻيهر بحال ڪيو پيو وڃي. جنهن کانپوءِ ڀاءُ موندر گھران نڪتو پر گهر واپس نه موٽيو آهي. هن چيو ته منهنجي ڀاء کي پهريان به گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن ڪيس مان هو عدالتن مان بري ٿي آيو, شڪ آهي ته ٻيهر کيس ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته منهنجو ڀاء بي ڏوهي آهي، کيس پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جي جهيڙن ۽ تڪرارن ۾ ڦاسائي نوڪري تان برطرف ڪرايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.