راڻيپور ڀرسان پوليس پاران مقابلي ۾ هڪ ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور ٿاڻي جي حد ڀيلار وڏا لنڪ روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل ڦورن سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو، هڪ ڦورو زبير ميراڻي  زخمي حالت ۾ گرفتار ٻه ڦورو فرار ٿي ويا ايس ايڇ او راڻيپور رحمت الله سولنگي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته ڀيلار وڏا لنڪ روڊ تي هٿياربند ڦر جي ارادي سان بيٺل آهن اطلاع تي اسان واقعي واري ھنڌ پهتاسين ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي اسان به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي سڃاڻپ زبير ميراڻي ولد نظام الدين ميراڻي طور ٿي آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدار مٿان مختلف ٿاڻن تي اغوا ڦر چوري پوليس مقابلن جا ڪيس داخل آهن، جڏهن ته ٻه ڦورو فرار فرار ٿي ويا،زخمي ٿيل ڦورو زبير ميراڻي وٽان ڊبل بيرل بندوق گوليون برآمد ڪيون ويون آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو پوليس پارٽي لاءِ شاباسي ۽ نقد انعام ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.