ترقياتي ڪمن ۾ ڪا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي: نور حسن جوکيو

ملير(ڊ ر) ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو چيو آهي ته عوامي نظام خدمت جي سڀ کان وڌيڪ افاديت اها هوندي آهي ته عام ماڻهو کي جلد رليف  ملي، هر يونين ڪائونسل ۾ ڪم خلوص نيت سان ڪرائي رهيا آهيون جنهن سان بهتري ظاهر ٿي رهي آهي، جنهن جاءِ تي مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي اتان جي مسئلن کان مان چڱي ريت واقف آهيان، ان لاءِ جيڪو به ڪم ٿيندو آهي اهو سئو سيڪڙو ميرٽ تي ٿيندو آهي، ان طريقي سان معاملا انجام ڏيڻ ۾ مشڪلات ضرور پيش ايندي آهي پر جيڪا به اسڪيم مڪمل ٿيندي آهي ته اها پنهنجي مثال پاڻ هوندي آهي، ان ۾ اسان جو ڪريڊٽ نه آهي هي اهو اعتماد آهي جيڪو هتان جا رهواسي اسان تي ڪن ٿا، ان سان گڏ اتان جا چونڊيل هر پليٽ فارم جا نمائندا به اداري سان تعان ڪن ٿا، جنهن سان اسان جي اداري ۾ وڌيڪ بهتري اچي ٿي، جتي اسان پنهنجي ملازمين جي شاندار خدمتن تي ساراهيو آهي ته اتي غلطي ڪرڻ تي سخت ڪاروائي به ڪندا آهيون، حڪومت سنڌ جي حڪم تي روشني ۾ ترقياتي پروجيڪٽ تي برق رفتاري سان مڪمل ڪري رهيا آهيون ۽ ان ۾ معيار جو به خصوصي بنيادن تي خيال رکيو ويندو آهي، پنهنجي دائري ۾ رهي ڪري اسان کان جيترو ٿي سگهيو آهي اهو اسان ڪيو آهي ۽ آئنده به ڪنداسين، علائقي واسين کي يقين ڏياريا ٿو ته انهن جي هر تڪليفن کي ختم ڪري انهن کي رليف فراهم ڪيو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار نور حسن جوکيو بن قاسم آفيس ۾ مختلف وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي چيف آفيسر اياز حميد الله بلوچ، ڊائريڪٽر سينيٽيشن مشتاق مٽو ۽ ٻيا موجود هئا.

  • اسلام ڪوٽ ۾ پ پ جي ھارايل اميدوارن جي  داخل ڪيل پٽيشن رد

اسلام ڪوٽ(ت،ر)اليڪشن ٽربيونل ٿرپارڪر طرفان ۾ پ پ جي ھارايل اميدوارن جي داخل ڪرايل پٽيشن عدالت رد ڪري  ڇڏي،اُنهي سلسلي ۾ اليڪشن ٽربيونل ٿرپارڪر ۾ پ پ پ جي ھارايل اميدوارن پاران داخل ڪرايل اليڪشن پٽيشن مٺي ڪي عدالت سڳوري رد ڪندي جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي کٽيل اميدوارن ضلع ڪانو نسل ميمبر يونين ڪانونسل ڪھڙي علي حسن بجير،ضلع ڪانونسل ميمبر اميرالدين درس يونين ڪانونسل جيندودرس يونين ڪانونسل ڪھڙي چيئرمين فقير ڀائي خان وسائيپوٽو وارڊ نمبر 2 سٽي ننگرپارڪر جي اميدوار رئيس محمد رحيم کوسو يونين ڪانونسل جيندودرس چيرمن جي اميدوار فقير الهبچايو وڪيو علي واد ميمبر ڪارو موسي پوٽو ۽ ٻين جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو،ڪيس جي پيروي ناليواري وڪيل ظهيرالدين نهڙي ڪئي،جنھن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،جي ڊي اي اُميدوارن ۽ حامين پاران عدالتي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.