ڇاڇري لڳ پرائمري استاد مقرر نه ٿيا، اسڪول بند پيل،احتجاج

ڇاڇرو (رپورٽ يعقوب بجير ) ڏاھلي جي ڳوٺ اڙٻهيار جي ٻن پرائمري اسڪولن ۾ مقرر استاد غير حاضر رهڻ سبب ڪافي عرصي کان اسڪول بند پيل هجڻ  خلاف ڳوٺاڻن محمد بچل، محمد شريف ۽ جان محمد سميجو سميت ٻين ڳوٺاڻن  دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ ٻه  اسڪولون آهن جنهن ۾ شهلي پاڙي جي مين پرائمري اسڪول ۽ صوڀو پاڙي جي پرائمري اسڪول هڪ سال کان بند پيل آهن، جن ۾  کٽون ۽ بسترا رکي اوطاق بڻايل  آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسڪولن ۾ مقرر ٿيل استاد ذاتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، مسلسل اسڪولن مان غير حاضر استادن جي خلاف ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي آفيسرن کي شڪايتون ۽ درخواستون ڏنيون آهن، پر تعليم کاتو ڌيان نٿو ڏي، ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي  اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي ڪري محنتي استاد مقرر ڪري معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.