وسيلن سان مالا مال سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي جو راڄ آهي: صنعان

حيدرآباد (پ ر  ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم  چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر ،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو گڏيل مرڪزي پڌرائي م چيو ته سنڌ وقت جا حڪمران اقتدار جي جنگ ۾ سنڌ جي وحدانيت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، وسيلن سان مالا مال سنڌ ۾ بک، بدحالي جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي، اٽي جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن پورهيت ماڻهو هڪ ويلو به ٻچڙن کي نٿا کارائي سگهن! حڪمرانن سنڌ ۾ هٿ وٺي مهانگائي جو طوفان برپا ڪرڻ سان گڏ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو آهي جيڪو سنڌ جي وجود جي خلاف آهي، هنن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري کان پهرين سنڌ ۾ موجود غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ ٻين صوبن جي رهندڙ ماڻهن جي ڳڻپ لاءِ الڳ سان کانو رکيو وڃي ٻي صورت م ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي وجود خلاف سازش هوندي، هنن چيو ته 12 فيبروري تي سنڌ ۽ هٿرادومهانگائي، ڊجيٽل آدمشماري سميت سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن تي نوشهروفيروز ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي رهيا آهيو جنهن ۾ سنڌي قوم کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏيون ٿا، جڏهن جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ ديدار شام وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلھوڙو اشرف ڪلهوڙو چيو آهي ته ڪراچي جي دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي انتظاميه شاگردن کي ھيسائي ۽ دٻائي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.