ميهڙ ڀرسان ڪاٺ جي گُدام کي باهه، قيمتي ڪاٺ سڙي ويو

ميھڙ(ن ع آ) ميھڙ جي ھاءِ اسڪول ڀرسان بلبل چوڪ وٽ ڪاٺ جو ڪم ڪندڙ ميھڙ جي مشھور ڪاريگرن امين سومرو ، اشتياق سومرو جي دڪانن ڀرسان سندن ئي ڪاٺ جي دڪان کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنھن سبب گدام ۾ پيل لکين روپين جو فرنيچر لاءِ پيل قيمتي ڪاٺ سڙي رک ٿي ويو آھي جڏھن ته واقعي جي اطلاع باوجود فائر برگيڊ دير سان واقعي واري ھنڌ پھچڻ سبب گدام ۾ پيل سمورو ڪاٺ سڙي ويو، گدام مالڪ موجب باھ لڳڻ جو سبب معلوم ناھي ٿي سگھيو ، بجلي جي شارٽ سرڪٽ يا ڪنھن جي شرپسندي معلوم ٿي رھي آھي باه واري واقعي جي جانچ ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.