ٽنڊو باگو ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، پوليو مهم جو بائيڪاٽ

ٽنڊوباگو( ن ع آ) رٽنڊوباگو تعلقي جي 12 ڳوٺن ۾ سماجي تنظيم جي نالي سان سروي ڪندڙ تنظيم ٿرديپ پاران برسات متاثر 12 ڳوٺن جي سروي نه ڪرڻ، ڳوٺ جي اسڪول جي پڪي بلڊنگ ۽  ٻين بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري سمورن ڳوٺن جي ماڻهن پاران پوليو مهم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري پوليو ٽيمن کي سندن 250 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پوليو جا ڦڙن جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڳوٺن ۾ ڳوٺ نواز علي چانڊيو، ڳوٺ الله داد چانڊيو، ڳوٺ مصري چانڊيو، ڳوٺ نور حسن چانڊيو، ڳوٺ موريو خاصخيلي، ڳوٺ دودو چانڊيو، ڳوٺ الله ڏتو چانڊيو، ڳوٺ جلال چانڊيو، ڳوٺ ڇٽو  قمبراڻي، ڳوٺ حاجي بهادر چانڊيو، ڳوٺ پنهون چانڊيو، ڳوٺ ڀورو چانڊيو شامل آهن  پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڳوٺاڻن محمد حنیف چانڊيو، محمد عظيم چانڊيو، عنايت الله چانڊيو، غلام نبي چانڊيو، روشن ۽ ڀورو چانڊيو موجب ته برساتي ٻوڏ کان پوءِ اسان وٽ ڪابه شئي نه رهي آهي. ڊپٽي ڪمشنر بدين جي معرفت ملڪي توڙي غير ملڪي سماجي تنظيمون برسات متاثر ماڻهن جي واهر ڪري رهيون آهن، پر اسان جي ٽن ديهن ۾ ڪنهن به سماجي تنظيم کي نه موڪليو ويو آهي. جنهن ڪري اسان احتجاجن پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي پوليو بابت تعلقه فوڪل پرسن ڊاڪٽر منظر ڳوٺاڻن پاران بائيڪاٽ ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته اسان اهڙي رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کي موڪلي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.