دريا خان مري لڳ گڏهه گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ زخمي

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان تيتري اسٽاپ وٽ گڏھ گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾  ارجن مينگھواڙ زخمي ٿي پيو ،زخمي کي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو ويو، زخمي جي ڳڻتي جوڳي حالت حالت ھجڻ سبب نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو، ٻئي پاسي  موٽر سائيڪل سوار ٽيوب ويل جو پکو موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي رھيا ھيا ته اوچتو گڏھ گاڏو اچڻ سبب حادثو پيش آيو، لوھي پکي جو سيني ۾ ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.