ميرپورخاص ۾ فلور ملز، اٽي چڪين ۽ دڪانن تي ڇاپا، ڏنڊ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ ) اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص محمد حسن کوسو شهر مختلف فلورملز , اٽي چڪين ۽ دڪانن تي اوچتا ڇاپا  هڻي غير معياري ۽ مقرر اگھ کان 40 رپيا  وڌيڪ اگھ تي اٽو وڪرو ڪرڻ  تي ڏنڊ عائد ڪيو ان حوالي ڄاڻ موجب اي سي حمزه ملز ، سنڌڙي ملز ، چنديجه ملز جي اوچتي معائني دوران انتهائي غير معياري اٽو تيار ڪرڻ تي ٽنهي ملن تي پنجاھ پنجاھ ھزار ڏنڊ عائد ڪيو، جڏهن ته مختلف چڪين تي اٽي جو اگھ 130 کان 155 رپيا في ڪلو وڪرو ڪرڻ تي به مختلف دڪانن ۽ چڪين به ڏند عائد ڪيو.  ۽ ايل پي جي هڪ غير قانوني دڪان کي سيل ڪيو ويو،  ٻي طرف شهرين محمد حنيف ، غلام رسول، شجاع الدين ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته سڄي شهر ۾ اٽو کلئي عام في ڪلو 140 کان 160 رپيا وڪرو ٿي رهيو ۽ 110 رپيا في  ڪلو ملندڙ  اٽو انتهائي غير معياري ۽ سريّۡ وارو آهي ان باوجود انتظاميه ڪابه ڪاروائي ڪرڻ بدران رڳو مهيني ۾ هڪ  دفعو ڪجھه خاص هنڌن تي مختصر ڪاروائي ڏيکاءُ خاطر  ڦوٽو سيشن ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.