سيٺارجا ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، چوريون وڌي ويون، کوجي ڪتا گهرايا ويا

سيٺارجا (ن ع آ سيٺارجا ٿاڻي جي حد پڪي فارم تي ويٺل محمد افضل آرائين جي گهر مان هڪ ڏينهن اڳ  رات جو دير سان نامعلوم چور  چار هٿياربندن پاران هڪ ڀلوڙ مينهن ۽ ڳئون چوري ڪري ويا ڳوٺاڻن پوليس جي مدد سان کوجي ڪتن پيرا کنيا جيڪي سيٺارجا شهر ڀرسان ڳوٺ محبت خاصخيلي جي ڀرسان پيرل سولنگي جي گهر هنيا سيٺارجا پوليس پاران گهر مالڪن پيرل سولنگي سندس ڀاءُ پياس سولنگي کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي. هوڏانهن متاثر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ ڏينهن اڳ رات جو دير سان نامعلوم چورن پاران گهر ۾ داخل ٿي ڀلوڙ مينهن ۽ ڳئون چوري ڪري ويا جنهن جا پيرا کوجي ڪتن ذريعي کنيا ويا جيڪي پيرل سولنگي جي گهر پهتا ، سيٺارجا پوليس ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.