مٽياري قومي شاھراھ تي روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت

مٽياري ( ڊ ر) مٽياري ويجھو ميمڻ ڪي وسي وٽ قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڪار جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ ميمڻ ڪي  وسي جا رھواسي ٻه نوجوان صدورو مجيداڻو ۽ سوائي مجيداڻو شديد زخمي ٿي پيا مٽياري پوليس فوري طور واقعي واري جڳھه  پھچي زخمين کي مٽياري تعلقي اسپتال منتقل ڪيو جتان ٻنھي نوجوانن کي ابتدائي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو جتي نوجوان صدورو مجيداڻو زخمن جا سور نه  سھندي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٻئي نوجوان جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي فوتي نوجوان جو لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته  ٻئي پاسي مٽياري پوليس ڪار ڊرائيور کي ڪار سميت پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.