تعليمي ادارن ۾ نياڻين جو انگ تمام گهٽ آهي: فصيح الدين خان

بدين (رپورٽ رازق ڏنو کوسو  ) ريجنل ڊائريڪٽر محتصب اعليٰ فصيح الدين خان جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ نياڻين جي تعليم  متعلق اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي ريجنل ڊائريڪٽر محتصب اعليٰ چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ هرهڪ جو بنيادي حق آهي آبادي ۾ 50 سيڪڙو تعداد عورتن جو آهي پر اسان جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين جو تعداد تمام گهٽ آهي خاص ڪري ٻهراڙين ۾ پڙهيل لکيل عورتون گهٽ آهن هن چيو ته نياڻين جي تعليم لاءِ سنڌ حڪومت جوڳاء اپاءَ وٺي رهي آهي هن چيو ته هن گڏجاڻي جو مقصد به اهو آهي ته اسان سب اسٽيڪ هولڊر گڏجي نياڻين جي تعليم ۾ آيل رڪاوٽن کي دور ڪريون ته جيئن شهر سان ٻهراڙيء جون نياڻيون به تعليم حاصل ڪري سگهن هن چيو ته هڪ مرد جي پڙهڻ سان هڪ فرد پڙهي ٿو پر هڪ عورت جي پڙهڻ سان هڪ فيملي پڙهيل لکيل بڻجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.