سيوهڻ: مشهور شاعر ثابت علي شاهه جي ورسي، ادبي سنگت جي گڏجاڻي

سيوهڻ (ن ع آ) سنڌ جي ناليواري مرثيه گو شاعر مرحوم سيد ثابت علي شاهه جي  ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوھڻ  جي گڏجاڻي مير حاجن مير جي صدارت ۾ سندس مزار جي احاطي ڪربلا جو تاريخي قبرستان سيوھڻ ۾ ٿي گذري، ڏجاڻي ۾ سيوھڻ جي سينيئر  اديب ۽ محقق نظير حيات سيوھاڻي پاران سيد ثابت علي شاھ جو سيدنا امام حسين عليه السلام تي لکيل سلام ترنم ۾ پيش ڪيو ويو جنھن کان پوءِ نوجوان سرواڻ علي، سجاد شيخ ۽ ساٿين طرفان سيد ثابت علي شاهه جو لکيل مشھور مرثيو "ڪربلا جي قتل جي ڪر ڪا خبر اي آسمان، ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا شاھن جا سر اي آسمان” ترنم ۾ پيش ڪيو ويو. ورسي جي حوالي سان نظير حيات سيوهاڻي ۽ پروفيسر علي اصغر اوٺو پاران سيد ثابت علي شاهه جي  مرثيه نگاري بابت پنھنجا مقالا ۽ مضمون پيش ڪيا ويا. ان کان پوءِ عاجز انور ٻگھيو ترنم ۾ منقبت پيش ڪري حاضرين کي بيخود ڪري ڇڏيو. پروفيسر امداد سروري سيد ثابت علي شاهه تي پنھنجو لکيل سلام پيش ڪيو ۽ ڪربلا جي شھيدن جي بحضور پنھنجو لکيل تازو مرثيو پڻ پيش ڪيو. ناليواري جھوني اديب خير محمد ٻرڙو پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي ادبي سنگت جي دوستن کي ڪاوشن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ پنھنجي ادبي خدمت جاري رکڻ تي زور ڀريو. گڏجاڻي جي صدارت ڪندي سيوھڻ ۽ سنڌ جي نالي واري اديب، شاعر ۽ محقق مير حاجن پنھور سيد ثابت علي شاهه جي مرثيہ نگاري ۽ شاعري جي فني پھلوئن بابت تقرير ڪندي سندن ادبي خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي ۽ ان سان گڏ گڏجاڻي ۾ شريڪ اديبن ۽ شاعرن جي مضمونن، مقالن ۽ سيد ثابت علي شاهه جي چونڊ شاعري پيش ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا. آخر ۾ سورہ فاتح  ۽ قل شريف پڙھي مرثيه جي باني سيد ثابت علي شاهه ۽ قبرستان ۾ دفن ٿيل ٻين مومنن ۽ مسلمانن جي ايصال ثواب لاءِ دعا گھري وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.