ڪوٽڙي ۾ بم جو اطلاع، شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو

ڪوٽڙي (ن ع آ ) ڪوٽڙي ۾ بم جي اطلاع تي شهرين  ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس ۾ پڻ  ٿرٿلو مچي ويو، پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي هئي ته ڊاڪٽر عبدالحڪيم درس نالي هڪ شهري ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڏنو ته هو ٿيلهي ۾ بند بم کڻي درياھ ۾ ڦٽي ڪري آيو آهي، سندس چوڻ هيو ته بوٽ پالش ڪندي لاوارث ۽ شڪي ٿيلهي تي نظر پئي، کولي ڏٺم ته ان ۾ بم نما شئي هئي جنهن کي کڻي درياھ ۾ اڇلي آيس، هن چيو ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ بدران انساني جانيون بچائڻ واري نيت سان بم کڻي درياھ ۾ اڇلي آيس، ڇاڪاڻ ته مون کي خوف هيو ته جيسين پوليس اچي تيسين بم ڦاٽي سگهي پيو، بهر الحال بم کڻي درياهه ۾ اڇلائي آيو آهيان، ڪوٽڙي پوليس موجب شهري جي ڳالهين مان نٿو لڳي ته ٿيلهي ۾ بم هوندو، تنهن هوندي به معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.