نوابشاهه: ڪمند جي آبادگارن سان فراڊ، متاثرن جو احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) نواب ولي محمد ۾ ڪمنڊ جا آبادگار بروڪر ھٿان ڦرجي ويا ڪروڙين روپين جو فراڊ آبادگار سراپا احتجاج بڻيل نواب ولي  محمد جي آبادگارن احتجاج ڪندي ميڊيا سامھون دانھيندي چيو ته اسان کي نواب ولي محمد جي بروڪر نعيم خانزاده ۽ ملو آمين ڪمبوھ ڪروڙين روپين جو فراڊ ڪيو آھي اسان کان ڪمند جون ٽراليون وٺي ۽ ھاڻي پئسا کان انڪار ڪري پاڻ گم ٿي ويا آھن اھڙو ڪيس ھنن خلاف اسان نواب ولي محمد ٿاڻي تي داخل ڪيل آھي ھنن چيو ته اسان ايس ايس پي کي به درخواست ڏني آھي ۽ ھاڻي ميڊيا آڏو دانهون ڪري رھيا آھيون، اسان سڀ آبادگار جنھن ۾ سجاد رند جا 4 لک 48 ھزار غلام مصطفيٰ زرداري جا 8 لک 10 ھزار ، علي گوھر چانڊيو جا 18 لک 30 ھزار جمع خان بروهي جا 3 لک 34 ھزار يوسف بروهي جا 4 لک 45 9 سو ھنن چيو ان کان علاوهه ٻيا به آبادگار آھن جن کان فراڊ ٿيو آھي، آبادگارن چيو ته مٽياري شگر مل ، سڪرنڊ شگر مل ۽ النور شگر مل جي نالن تي اسان کان ڪمند کنيو ويو، آبادگارن چيو ته بروڪر نعيم خانزاده جون ملڪيتون ضبط ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ھنن چيو ته پھريان اسان آبادگار پريشان آھيون، برساتن اسان کي پھريان ئي نقصان ڏنو آھي، ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي پيسا موٽرائي ڏنا وڃن ٻئي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.