جهول ۾ بد امني وڌي وئي، هفتي دوران چوري جون 10 وارداتون

جهول(رپورٽ : غلام نبي ملوڪاڻي) جهول شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سردي جي  خطرناڪ موسم هئڻ سبب چورين ڦرون ۾ اضافو، هڪ هفتي دوران ڏهن کان مٿي چورين ڦرن جون وارداتون،  علائقي واسين راتيون جاڳي گذراڻ تي مجبور. جهول پوليس ڏوهارين تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام.جهول ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهيل چورين ڦرون ۾ اضافو علائقي واسين راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور پوليس آگهور ننڊ ستل هڪ هفتي دوران ڏهن کان مٿي چوريون ۽ ڦرون تي جهول پوليس ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام جنهن ۾ ڳوٺ غلام نبي لسڪاڻي ۾ غريب پورهيتن جي گهر مان ٻه سولر پليٽون، ڳوٺ پروز خان ٿهيم مان اياز علي ٿهيم جي نامعلوم چور ٻه ٻڪريون ڪاهي ويا، اصغر علي ٿهيم جي گهر ۾ چور ڪاهي پيا گهر ڌڻين ۾ سجاڳي چورن ڀاڳين ۾ آمهون سامهون فائرنگ چور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ، جهول ۾ صديق آرائين جي گهرن ۾ چور ڪاهي پيا گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا رڙين تي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا پاڙي کي گڏ ٿيڻ ڪري چور فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.