پڊعيدن ( ن ع آ )پڊعيدن لڳ تاج ڪالوني جي رهواسين آصف ابڙو جو پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن ڪونج ابڙرو ۽ ٻين سان گڏ پڊعيدن پوليس جي ناجائزين ۽ نوجوان سچل ابڙو کي کنڀي گم ڪرڻ جي خلاف نصرت ڪئنال تي روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو، ان موقعي تي نوجوان جي وارثن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو فوري طور تي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، اگر ان تي ڪيس آهي ته اهو به ظاهر ڪيو وڃي.