عادلپور لڳ رڪشا وڻ سان ٽڪرائجي وئي، ڊرائيور فوت

عادلپور (ن ع آ)عادلپور واسي  رڪشا ڊرائيور جو رڪشا وڻ سان ٽڪرائجڻ سبب حادثو رڪشا ڊرائيور هدايت ڪولاچي موقعي تي فوت ٿي  ويو ،سندس ڀاءُ رياض ڪولاچي زخمي، اسپتال منتقل  ٻئي ڀائر پنو عاقل چوپايو مال پڙي تي کڻي وڃي رهيا هئا ته انڊس هاءِ وي، چنا اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، هدايت ﷲ ڪولاچي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو رياض حسين ڪولاچي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته فوت ٿي ويل نوجوان هدايت ﷲ ڪولاچي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.