ڪولاب جيئل ڀرسان صحافي جي چاچي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

ڪولاب جيئل (ن ع آ) ٽنڊومستي خان ٿاڻي جي حد ۾ رات دير سان ڳوٺ ٻٽو چانڊيو جو رهواسي محمد نواز نامي پيرسن  صحافي علي بخش  چانڊيو جي چاچو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، محمد نواز چانڊيو پاران مزاحمت ڪرڻ تي کيس سخت تشدد ڪري مرڻيگ حالت ۾ ٽنڊومستي ٿاڻي جي پويان پن ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا،مرڻينگ ڪنهن طرح سان ٿاڻي تي پهتو، بعد ۾ وارثن کي اطلاع ڏنو ويو، وارثن پاران ٽنڊومستي ٿاڻي تي اين سي داخل  ڪرائي وئي، ٽنڊومستي پريس ڪلب جي صحافين پاران ايس ايس پي خيرپور مير روحيل کوسو صاحب کان انصاف جي گهر  ڪئي وئي آهي، صحافين جو چوڻ هو ته ايس ايس پي خيرپور  مير روحيل خان کوسو نوٽيس وٺي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ گروهه کي سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو جيڪو آر پي او سکر تائين جاري رهندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.