ميهڙ ڀرسان ٻوڏ متاثر ڳوٺ ۾پيرسن ٿڌ لڳڻ سبب فوت، تڪليفن ۾ آهيون:ڳوٺاڻا

ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان فريدآباد جي علائقي ٻوڏ متاثر ڳوٺ ڳھڻو خان چانڊيو جو رھواسي 75 ورھين جو پيرسن ميرڻ چانڊيو ٿڌ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آھي، فوتي شخص کي ڊاٽسن ذريعي تعلقي اسپتال  ميھڙ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران فوتگي جي تصديق بعد فوتي شخص جو لاش واپس ڳوٺ آندو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، فوتي پيرسن جي وارثن موجب پيرسن کي ڪا به تڪليف نه هئي، سخت سردي ۾ گھر  نه ھجڻ سبب تڪليفن ۾ آھيون پيرسن کي تڪليف کانپوءِ اسيمبولينس به نه ملي، کيس ڊاٽسن ذريعي کڻي آيا آھيون ڊاڪٽرن فوتگي جي تصديق ڪئي آھي، ٻئي پاسي ٻوڏ دوران ميھڙ فريدآباد روڊ کي ڏنل ڪٽ به 5 مھينا گذرڻ باوجود مڪمل بند نه ٿي سگھيا آھن، ميھڙ فريدآباد روڊ کي ڏنل ڪٽ بند نه ٿيڻ جي ڪري ماڻھن کي اچڻ وڃڻ ۾ مشڪلاتون درپيش اچي رھيون آھن ميھڙ انتظاميه جي لاپرواهي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي ماڻھن جي واھر نه ٿيڻ ۽ گھر نه ھجڻ ڪري کلي آسمان ويٺل آحن ماروئڙن جي سخت سردي ھجڻ سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.