گمبٽ ڀرسان ناريجا بردري جو بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج

گمبٽ (ن ع آ)گمبٽ ڀر سان ڳوٺ ڦوڙي ناريجو واسي ناريجا برادري جي عورتن ۽ مردن جو  پنهنجي ئي برادري جي بااثر ماڻهن ۽ کهڙا پوليس جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو. ڪاروائي جو مطالبو. ان موقعي تي ذالفقار علي ناريجو نواب علي عبدالحڪيم ناريجو عورتن سميت احتجاج ڪندي چيو ته پنهنجي ئي برادري جا ماڻهو وحيد علي محمد علي ناريجو ۽ ٻين ڪمند جو فصل کڻڻ تان حملو ڪيو آهي ۽ گهرن ۾ لنگهي عورتن ٻارڙن تي تشدد ڪيو آهي، واقعي جي کهڙا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس به بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. احتجاج ڪندڙ ناريجا برادري جي عورتن مردن ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.