ڏهرڪي ( ن ع آ ) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ جھنگل ملڪ ۾ گرلز پرائمري اسڪول بند هجڻ، مڊل اسڪول جو تعميراتي ڪم پورو نه ڪرائڻ ۽ بوئز پرائمري اسڪول ۾ استاد، فرنيچر ۽ بنيادي سهولتون پوريون نه هجڻ خلاف اڄ تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن جو احتجاج، تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسڪول کولي، ڪم مڪمل ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي ڳوٺاڻن بشير احمد ملڪ، عبدالغفار ڀٽو، مشتاق احمد ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته جھنگل ملڪ ۾ تعليم لاوارث بڻيل آهي ڪو به مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جھنگل ملڪ جي بوئز پرائمري اسڪول ۾ هن وقت 450 شاگرد آهن جڏھن ته ٽن سالن کان ٻه استاد مقرر ٿيل آهن، جيڪو عمل حڪومت پاران ڏنل تعليمي پاليسي جي خلاف آهي جڏهن ته اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي ٻارڙا سيارو، انهارو پٽ تي ويهي پڙهن ٿا، پيئڻ جو صاف پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال ناهي، اختياريون نوٽيس وٺن