دادو پوليس پاران کنڀيل نوجوان آزاد نه ٿيو، احتجاج

دادو(ڊ ر) دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان چانڊيو واسي ٻڪرين جي ڌنار کي دادو پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ کي ٻيو ڏينهن گذري ويو  پر پوليس نوجوان جي گرفتاري ظاهر نه ڪري سگهي وارثن مولا بخش، صحبت چانڊيو سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اي سيڪشن پوليس نوجوان کي کڻي سي آئي اي پوليس حوالي ڪيو جنهن نوجوان کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته پوليس پاران نوجوان کي کنڀي وڃڻ جا وڊيوز موجود آهن وقت اچڻ تي ظاهر ڪنداسين، سندس مٿان ڪو به ڪيس وغيره ناهي پر ڪڏهن ڪا اين سي به داخل ناهي ٿيل ناهي، پوليس بلاجواز کڻي وئي آهي گهر ۾ سندس ٻچڙا پريشان آهن، پوليس نوجوان جي گرفتاري هينئر تائين ڪٿي ظاهر ناهي ڪئي، اسان کي خدشو آهي ته  پوليس ڪنهن بااثر، سياسي ماڻهو کي خوش رکڻ لاءِ اسان جي نوجوان کي جعلي مقابلي ۾ ڪو جاني نقصان ڏيندي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، سيشن جج دادو، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.