امن کپي، امن کپي، منشيات ۽ جوا اڏا بند ڪريو، خانپور ۾ ريلي

خانپور(ن ع آ )  خانپور پريس ڪلب  پاران خانپور سميت ضلعي شڪارپور ۾  بدامنيءَ  خلاف پريس ڪلب جي صدر محمد عاصم دايو، جنرل سيڪريٽري ياسين ابڙو سنڌ عوامي موومينٽ جي صدر ممتاز منگي، جنرل سيڪريٽري استاد محمد قاسم پٺاڻ  سميت شھري اتحاد  جي اڳواڻن استاد محمد سليم آرائين، ۽ چونڊيل ڪاؤنسلرن علي  مراد سيٺار، سيٺ ناظم حسين آرائين، گلزار جتوئي، مظھر علي آغاڻي، جي اڳواڻي ۾ عيد گاھ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، امن کپي امن کپي، خانپور ۾ جوا جا اڏا بند ڪرايو،  خانپور ۾ منشيات جا اڏا بند ڪرايو  جا نعريبازي لڳندا رهيا،  ريلي ۾ شريڪ اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خانپور توڙي آسپاس ۾ ھر ڏينھن موٽرسائيڪل ڦر ، چوريءَ جون وارداتون ٿي رھيون آھن، خانپور پوليس سميت شڪارپور پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نه پئي اچي گذريل ٽن مھينن کان ڦر ٿيل ھڪ به موٽرسائيڪل توڙي روڪ رقمون واپس نه ٿي سگھيون آھن ، شھر ۾ جوا ، منشيات کلي عام پوليس جي سرپرستيءَ ۾ ھلي رھيا آھن پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه پئي ڪري،  آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم پي اي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ  ايم اين اي مير عابد خان ڀيو  امن ڪرائن،شھرين صلاح مشوري بعد احتجاج ختم ڪري ايس ايچ او خانپور کي 10 ڏينھن جي مھلت ڏني ٻئي صورت ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر  ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.