ڪنري (ت ر) عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن سي آئي اي عمرڪوٽ انچارج سيد الطاف شاھ ۽ ايس ايڇ او ڪنري سيد عاطف شاھ جي اڳواڻي ۾ بلوچ پاڙي قائم منشيات جي مشھور منڊي تي ڇاپو ھنيو. پوليس منشيات فروشن ۽ موالين جي ٺڪاڻن ڇاپا ھنيا. پوليس ڇاپي کان اڳي منشيات فروش ۽ موالي فرار ٿي ويا، جنھن بعد پوليس بلوچ پاڙي جو چڪر لڳائي خالين هٿين واپس موٽي آئي. ڇاپي دوران بلوچ پاڙي جي عورتن ۽ ٻارن پاران منشيات جي آزار سبب پوليس آڏو دانھون ڪيون. رھواسين چيو ته بلوچ پاڙي ۾ ھلندڙ منشيات جي اڏي تي روزانو وڏي تعداد ۾ منشيات وڪرو ٿئي ٿو، ڪيترائي نوجوان فوت ٿي چڪا آھن. پر ڪير پڇڻ وارو ناهي. رھواسين پاران پاڙي مان منشيات جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو.