رائونتي ( ن ع آ ) گھوٽڪي ضلعي جي پوليس جون روپوش اشتھاري جوابدارن ۽ ڏوھارين خلاف ڪاروايون تيز رائونتي پوليس جي ڪارروائي پوليس کي گھربل ٻه جوابدار چوري جي ٻن موٽر سائيڪلن ۽ بغير لائسنس پسٽلن سميت گرفتار ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جي پريس ترجمان مطابق رائونتي پوليس دوران گشت خفيه اطلاع ملڻ بعد ڪاروائي ڪندي ڏوھن جي ڪيسن ۾ گهربل ٻه جوابدارن شمن پٽ شھزادو ميراڻي ۽ روشن علي پٽ شھزادو ميراڻي کي مبينا مقابلي بعد چوري ٿيل ٻن موٽر سائيڪلن ۽ بغير لائسنس ٻن پسٽلن سميت گرفتار ڪري ورتو، جنھن بعد پوليس ٻنھي جوابدارن کي ٿاڻي تي وٺي آئي ۽ انھن جي خلاف پوليس مقابلي سميت بغير لائسنس جي اسلحو رکڻ جي ڏوھ ۾ سنڌ ارمري ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن، ياد رهي ته گرفتار ڏوھاري عرفان علي پنھور ۽ علي شير سيلرو کان موٽر سائيڪلون پڻ ڦر ڪري ويا ھئا