جيڪب آباد ۾ شفقت عمراڻي جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي جي ريلي، ڌرڻو

جيڪب آباد ( رپورٽ : بيورو چيف )  جيڪب آباد ڀيڻ صنم عمراڻي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل شفقت حسين عمراڻي  جي آزادي لاءِ جيڪب آباد ۾ سول سوسائٽي جا سوين ماڻهون روڊن تي نڪري آيا. سول سائيٽي پاران ڀيڻ صنم عمراڻي جي قتل ڪيس ۾ گذريل 5 سالن کان جيل ۾ قيد ٿيل سندس ڀاءُ شفقت حسين عمراڻي جي آزادي لاءِ حسين علي عمراڻي، محمد رفيق بروهي، علي مردان سيال، مير ارشاد خاراني، شلو رام، رفيق احمد سومرو، ذوالفقار علي کنڊ، مير عاطف نظير عمراڻي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي توڙي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن سميت سول سوسائيٽي جا سوين ماڻهون شريڪ ٿيا، ريلي ۾ شفقت عمراڻي جون ٻه معصوم نياڻيون حريم فاطمه ۽ عشيل فاطمه عمراڻي به شريڪ ٿيون، ريلي ۾ شريڪ ماڻهون هٿن ۾ بينر ۽ شفقت عمراڻي جي تصويرن وارا پينافليڪس کڻي شهر ۾ مارچ ڪري آزاد ڪيو آزاد ڪيو شفقت عمراڻي کي آزاد ڪيو جهڙا نعرا هنڻدا رهيا جنهن کان پوءِ ريلي پريس ڪلب پهچي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. ان موقعي تي پهتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.