گرفتار فقيرياڻي ڪروڙين رپين جي لگزري گاڏي جي مالڪياڻي نڪتي!

 

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) ابو ظهبي ۾ گرفتار ڪيل هڪ فقيرياڻي اهڙي لگزري گاڏي جي مالڪياڻي نڪتي، جنهن جا امير ماڻهو به خواب ئي ڏسي سگهن ٿا.

ابو ظهبي پوليس 6 نومبر کان 12 ڊسمبر 2022 دوران 159 پينن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ اها عورت به شامل هئي.

ان عورت وٽ ڪروڙين رپين جي ماليت جي گاڏي هئي پر پوليس طرفان گاڏي جي حوالي سان تفصيل ناهن ٻڌايا ويا.

پوليس شهرين کي تنبيهه ڪئي آهي ته شهر ۾ پنڻ غير قانوني آهي، تنهن ڪري پينن کي پئسا ڏيڻ بدران رجسٽرڊ تنظيمن کي عطيو ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.