سياري جي مند ايندي ئي وار اڻڀا ۽ بي جان نظر اچڻ لڳندا آهن، ڪنهن تقريب ۾ وڃڻو هجي ته وارَن کي سڌو ڪرڻ ۽ چمڪدار بڻائڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻا پوندا آهن.
ان صورتحال ۾ هڪ حل ڀينڊي به آهي، ان ۾ بيٽا ڪيروٽن، وٽامن اِي، سي، ڪيلشيم، زنڪ، فوليٽ ۽ وٽامن بي ٿري موجود هوندو آهي، جيڪو وارن جي بهترين واڌ ويجهه ۾ مدد ڏيندو آهي.
استعمال جو طريقو:
6 کان 8 ڀينڊين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪري پاڻي ۾ 10 منٽن تائين اُٻاريو، جڏهن جيل جهڙو مڪسچر تيار ٿي وڃي ته ان کي اڌ ٿڌو ڪري بلينڊر ۾ وجهو ۽ هڪ کان ٻه سيڪنڊن تائين هلائي اهو ڪنهن ڪپڙي سان ڇاڻي ڇڏيو، هاڻ ان ۾ ٻه چمچا ڪارن فلاور ۽ اڌ چمچو پاڻي ملائي مڪس ڪيو، پوءِ ان مڪسچر کي هلڪي باهه تي 5 کان 10 منٽ پچايو ۽ ٿورو بادام جو تيل وجهي اڌ ٿڌو ڪيو.
هاڻ اهو مڪسچر وارن کي لڳايو، ٻن ڪلاڪن تائين لڳل رهڻ ڏيو، پوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو ۽ سٺو ڪنڊيشنر لڳايو، اڌ ڪلاڪ ۾ وار خشڪ ٿيڻ کانپوءِ سڌا به هوندا ۽ چمڪدار به نظر ايندا.