نواز شريف جو راڻا ثناءُ الله کي عمران خان جا پول پڌرا ڪرڻ جو ٽاسڪ

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ)  لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف، ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۾ ملاقات ٿي.

ملاقات ۾ پنجاب جي ٻين ضلعن جي صدرن جي اميدوارن جي نالن تي به مشاورت ڪئي وئي ۽ انٽرا پارٽي چونڊن تي به غور ڪيو ويو.

نواز شريف، راڻا ثناءُ الله کي پنجاب جي سياست بابت ٽاسڪ ڏنا ۽ هدايت ڪئي ته ايندڙ چونڊن لاءِ پنجاب ۾ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪيو وڃي.

اڳوڻي وزيراعظم گهرو وزير کي مريم نواز سان گڏجي پنجاب ۾ ريلين ۽ جلسن جو به ٽاسڪ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته عوام کي حقيقتون ٻڌايو ۽ عمران خان جي ڪوڙ جا پول پڌرا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.