هندو انتها پسندن جي سخت مخالفت باوجود ”پٺاڻ“ اڳواٽ بُڪنگ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، سڀاڻي رليز ٿيندي

ڀارت انتهاپسندن جي سخت مخالفت باوجود بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي فلم پٺاڻ رليز کان اڳ ئي رڪارڊ جوڙي ورتو آهي.

فلم پٺاڻ جي رليز کان اڳ ئي ان جي گيت بي شرم رنگ تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو، فلم جي گيت ۾ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون جي زعفراني رنگ جي لباس کي بنياد بڻائي هندو انتهاپسندن فلم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو.

هندو مذهب ۾ زعفراني رنگ کي مقدس سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته انتها پسندن هندن گيت ۾ شاهه رخ خان جي سائي رنگ وارو لباس پهرڻ تي پڻ اعتراض واريو هو.

ان معاملي تي ڀارتي سينسر بورڊ هڪ بيان ۾ چيو هو ته فلم جو سي بي ايف سي جي گائيڊ لائنز پٽاندڙ جائزو ورتو ويو جنهن بعد ڪميٽي فلم جي پروڊيوسر يش راج فلمز کي تجويز ڏني ته هو فلم ۾ شامل گيتن ۾ ڪجهه ڦيرڦار ڪري رليز کان اڳ فلم جو تبديل ڪيل ورجن بورڊ آڏو پيش ڪيو.

ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀرپور فلم پٺاڻ پنجويهين جنوري ( سڀاڻي ) وڏي پردي تي رليز ٿيندي پر رليز کان اڳ ئي فلم اڳواٽ بُڪنگ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارت ۾ شاهه رخ جي فلم پٺاڻ جون اٽڪل چار ڏهائي اڻويهه لک اڳواٽ ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن ۽ اهڙي نموني  فلم پٺاڻ ايڊوانس بُڪنگ ۾ نئين تاريخ جوڙي ورتي آهي.

ان کان اڳ سڀ کان وڌيڪ ايڊوانس ٽڪيٽ بُڪنگ جو رڪارڊ ريتڪ روشن ۽ ٽائيگر شروف جي فلم وار کي حاصل هو، جنهن جو چار ڏهائي ڏهه لک اڳواٽ ٽڪيٽس وڪرو ٿيون هيون.

ڪنهن به ڀارتي فلم جو سڀ کان وڌيڪ ايڊوانس بُڪنگ جو رڪارڊ باهو بلي وٽ آهي جنهن جون رليز کان اڳ 6.50  لک ٽڪيٽس وڪرون ٿيون هيون.

رپورٽس موجب دپيڪا ۽ شاهه رخ خان جي فلم پٺاڻ او ٽي ٽي تي حق وڪرو ڪرڻ جي مد ۾ رليز کان اڳ ئي سئو ڪروڙ رُپيا ڪمائي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.