ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبي ۾ هڪٻئي پويان انڪشاف سامهون اچن کانپوءِ ڪيس نيب حوالي ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ايم 6 موٽر وي منصوبي تحت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي زمينن جي خريداري لاءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ نوشهروفيروز کي 7 ارب 71 ڪروڙ 16 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊ جاري ڪيا پر مبينا طور قاعدن ۽ ضابطن جو خيال نه رکيو ويو.
3 ارب 61 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ وصول ڪندڙ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز تاشفين عالم پرڏيهي اڏام ذريعي آذربائيجان فرار ٿي ويو.
هوڏانهن 4 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪندڙ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي نگراني ۾ مبينا طور تي سوا 2 ارب رپين جي ڪيش ڪڍرائي وئي پر زمين نه خريدي وئي.
سنڌ حڪومت مبينا ڪرپشن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي ۽ اينٽي ڪرپشن سنڌ ڪيس به داخل ڪيا هئا.