مُلڪ  ۾ لکين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار، عالمي بئنڪ ڇرڪائندڙ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

مُلڪ  ۾ لکين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار، عالمي بئنڪ ڇرڪائندڙ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل چوماسي دوران سخت برساتن ۽ بدترين ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ سٺ لک ماڻهو خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

عالمي بئنڪ جي فوڊ سيڪيورٽي جي جاري ڪيل تازي رپورٽ موجب ٻوڏ جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا، لکين ڍور مري ويا جڏهن ته نوَ ڏهائي چار ملين ايڪڙ ايراضي تي بيٺل فصل  مڪمل طور تباهه ٿي ويا، سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ مُلڪ ۾ کاڌي پيتي واري شين جي اگهن ۾ واڌ آئي، آڪٽوبر 2021ع ۾ مهانگائي جي شرح 8.3 سيڪڙو هئي جيڪا مارچ 2022ع ۾ 15.3 سيڪڙو ۽ ٻوڏ کانپوءِ سپٽمبر ۾ 31.7 سيڪڙو تي پهچي چڪي هئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي خور تي ڏکڻ ايشيا ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين، مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۽ مقامي ڪرنسي جي قدر ڪِرڻ سبب مهانگائي ۾ واڌ جو رجحان آهي جنهنڪري کاڌي پيتي وارين شين جا اگهه به وڌي رهيا آهن.

رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ ڊسمبر دوران مهانگائي جي شرح ۾ ساليانو بنيادن تي ست ڏهائي نوَ سيڪڙو، نيپال ۾ ۾ ست ڏهائي چار سيڪڙو، پاڪستان ۾ 35.5 سيڪڙو مهانگائي ۾ اضافو ٿيو.

اهڙي طرح سريلنڪا ۾ اِها شرح 64.4 چار سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته چوماسي دوران ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ڪجهه علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گهٽ مينهن وسيو جنهنڪري خوراڪ جي پيدوار ۾ رنڊڪ پيدا ٿي جنهن جا اثر هاڻي سامهون اچي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.