ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جي ذميوار سپريم ڪورٽ آهي: فواد چوڌري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري ملڪ ۾ سياسي بحران جو ذميوار سپريم ڪورٽ کي قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جي ذميوار سپريم ڪورٽ آهي، ڇو ته جيڪڏهن عدالت عظميٰ اسپيڪر جي رولنگ رد نه ڪري ها ته هن وقت تائين ملڪ ۾ چونڊون ٿي چڪيون هجن ها.

هن چيو ته 22 ڪروڙن جو ملڪ هن وقت لاوارث ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن حڪومت جي منشي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن کي محسن نقوي جي مقرري جو حڪم ڏنو ويو، جنهن تي هن بس صحيحون ڪيون.

سندس چوڻ هو ته حڪمران عوام سان کيڏي رهيا آهن، انهن کي گهرن تائين ڇڏي اينداسين، اسان تيستائين توهان جو پيڇو ڪنداسين جيستائين توهان کي سزا نٿي ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.