پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش پريميئر ليگ کيڏڻ وارن رانديگرن کي ڏيهه واپس ورڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان سُپر ليگ جي ٽيمن ۾ شامل رانديگرن کي واپس سڏايو ويو آهي، اهڙو قدم فرنچائزز جي درخواست تي کنيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ پي سي بي جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي ٻه فيبروريءَ تي واپس اچڻ جو چيو ويو آهي، ان کان اڳ پي ايس ايل جي ٽمين ۾ شامل رانديگرن کي اٺ فيبروري تائين بي پي ايل کيڏڻ جي اجازت هئي.
پي سي بي موجب فرنچائزز پي ايس ايل لاءِ رانديگرن کي تندرست ۽ تيار ڏسڻ چاهين ٿيون.
بي پي ايل کيڏڻ وارن رانديگرن ۾ محمد عامر، شعيب ملڪ، حارث رئوف، محمد رضوان، محمد نواز، نسيم شاهه ۽ افتخار احمد سميت ٻيا رانديگر شامل آهن.
ياد رهي ته پاڪستان سُپر ليگ جو اٺو ايڊيشن تيرنهن فيبروريءَ کان شروع ٿيندي.