ايڪسچينج ڪمپنين جو ڊالر جو فڪس ريٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڪسچينج ڪمپنين ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ، وڌندڙ ريٽ ۽ موجوده غير يقيني واري صورتحال سبب ڊالر جو فڪس ريٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين ملڪ بوستان جي سربراهي ۾ اڄ اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ وڊيو پيغام ۾ ملڪ بوستان ٻڌايو ته اجلاس ۾ سڀني ميمبرن ايسوسيئيشن کان مطالبو ڪيو ته اسان ملڪي مفاد ۾ ڊالر جو اگهه فڪس ڪيو هو، ڇو ته اسان کي لڳو ڊالر جو ريٽ نه وڌندو پر اهو قدم ناڪاري ثابت ٿيو ۽ ڊالر وڌي ويو.

هن چيو ته ان ئي سبب ڊالر مارڪيٽ ۾ به موجود ناهي ۽ بليڪ مارڪيٽ وجود ۾ اچي وئي آهي، ان صورتحال کي ڏسندي اسان فيصلو ڪيو آهي ۽ سڀاڻي صبح اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سان ميٽنگ آهي، ماڻهن کي ڊالر ملڻ شروع ٿي ويندو ته بليڪ مارڪيٽ ختم ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.