سستي سمجهي ويندڙ سوزوڪي هاڻي کيسو خالي ڪري ڇڏيندي

سوزوڪي ڪمپني موٽرسائيڪلن کانپوءِ سڀين ماڊلز جي گاڏين جي اگهن ۾ ساڍا 3 لک رپين جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي.

رپورٽ موجب سوزوڪي موٽرز جي ترجمان شفيق احمد شيخ موجب ڪمپني جي وينڊرز ۽ ڊيلرز لاءِ اهو ڏاڍو نازڪ وقت آهي ڇاڪاڻ ته پيداوار ۽ وڪرو نه ٿيڻ سبب سڀ ئي پريشان آهن.

ترجمان سوزوڪي موٽرز جو چوڻ آهي ته موجوده معاشي غيريقيني صورتحال سبب مقامي ۽ عالمي خام ۽ ٻئي سامان جي اگهن ۾ واڌ، پرڏيهي ڪرنسي جي غيرمستحڪم صورتحال ڪمپني لاءِ گاڏين جي موجوده اگهن کي برقرار رکڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.

هنچيو ته ڪمپني پنهنجي گاڏين جي اگهن ۾ واڌ ذريعي مارڪيٽ جي منفي اثرن جي گهٽ حصي کي واهپيدارن تي منتقل ڪرڻ تي مجبور آهي. نوان اگهه 25 جنوري کان لاڳو ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.