ڪراچي: سمنڊ رستي 20 ارب رپين جي منشيات سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ڪسٽمز اختيارين سمنڊ رستي 20 ارب رپين جي منشيات سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران پاڪ بحريا، پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ڪسٽمز اختيارين سمنڊ ۾ هلندڙ سال هيل تائين جي سڀ کان وڏي منشيات سمگلنگ روڪ آپريشن بابت آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊپٽي ڊي جي ڪموڊور عامر ۽ ايڊيشنل ڪليڪٽر علي رضا به موجود هو.

پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي گوادر ڀرسان کليل سمنڊ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙي وئي.

هٿ آيل منشيات ۾ 586 ڪلو آئس، 800 ڪلو کان وڌيڪ هيروئن شامل آهي، جڏهن ته 12 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

اختيارين موجب پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت تقريبن 20 ارب رپيا آهي.

ڪسٽمز اختيارين ٻڌايو ته کليل سمنڊ ۾ منشيات جي سمگلنگ خلاف ڪئي ويندڙ تازي ڪارروائي ۾ برآمد ٿيندڙ منشيات گذريل 7 ڪارروائين جي برابر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.