افغانستان ۾  سيءَ جي سخت لهر، هڪ سئو چويهه ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

افغانستان ۾ گذريل پندرنهن ڏينهن ۾ سخت ٿڌ سبب 124 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

افغانستان جي جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ وزارت جي ترجمان موجب مُلڪ ۾ ٿڌ ڏهن سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، سخت سيءَ سبب اٽڪل ستر هزار ڍور مري ويا آهن.

طلبان جي ڊيزاسٽر مئنيجمٽ جي وقتي وزير ملا محمد عباس آخوند پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برفباري سبب روڊ بند ٿيڻ ڪري افغانستان جي ڪيئي علائقن جو پاڻ ۾ زميني رابطو مڪمل طور تي ڪٽجي ويو آهي، ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ فوجي هيلي ڪاپٽرز استعمال ڪري رهيا آهيون.

وقتي وزير ملا آخوند چيو ته فوتين ۾ گهڻو انگ ڌنارن ۽ ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن جو آهي، جابلن تان گذرندڙ گهڻي قدر روڊ برفباري سبب بند ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.