ڀارتي رياست مڌيا پرديس ۾ فوج جي ڪرنل ڊيوٽي دوران آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ڪرنل نيشٿ کنا مڌيا پرديش رياست جي شهر جبل پور ۾ فوج جي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ريجنمنٽ ون جي ڪامانڊنگ آفيسر طور ذميواريون انجام ڏئي رهيو هو.
پوليس موجب ڪرنل نيشٿ کنا جو لاش سنگل ٽريننگ سينٽر جي آفيسرز ميس جي ڪمري ۾ پکي ۾ ٽنگيل مليو .
پوليس کي آپگهات ڪندڙ ڪرنل نيشٿ کنا جي کيسي مان هڪ نوٽ مليو جنهن ۾ هن پنهنجي ئي هٿان زندگي جو ڏيئو اجهائڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
پوليس موجب آپگهات ڪندڙ ڪنرل پنجويهين آڪٽوبر 2022ع کان گهرو اڻبڻت سبب زال ۽ ٻارن کان ڌار رهي رهيو هو.
ياد رهي ته ڀارتي فوج جي سپاهين ۽ آفيسرن ۾ آپگهات جو لاڙو تمام گهڻي حد تائين وڌي ويو آهي، گذريل هفتي به مڌيا پرديش جي ئي شهر نرمدا پور ۾ هڪ ڪيپٽن اهڙي طرح آپگهات ڪري ڇڏيو هو.